Monday, September 7, 2009

SHIKARPUR

... ۽ جڏهن اسپتالون بدانتظامي جي ور چڙهي مريضن لاءِ بي فائدي بڻجي ويون!

دنيا اندر سڀ کان وڌيڪ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو، دوائن کان وٺي انهن جي سار سنڀال علاج کان وٺي کاڌي پيتي تائين سڀ مرحلا انتهائي توجهه طلب بڻيل آهن، سنڌ اندر ٿر واري علائقي ۾ وڌيڪ بک ۽ بدحالي ۽ اتر سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ امن امان جي صورتحال خراب هجڻ کان پوءِ بک ۽ بيروزگاري آهي. شڪارپور ضلعي اندر 14 لک انساني جانين لاءِ 4 تعلقي جي حيثيت رکندڙ اسپتالون شڪارپور، خانپور، لکي ۽ مدئجي کان علاوه 32 جي لڳ ڀڳ رورل هيلٿ سينٽر ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽ آهن جتي هزارن جي تعداد ۾ هيلٿ محڪمي ۾ ڪم ڪندڙ مسيحائن جي روپ ۾ ڊاڪٽر، ميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻيو عملو ڪم ڪري ٿو، پر انهن اسپتالن ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون بدانتظامي جون آهن، ٻهراڙي جي رورل هيلٿ يا بي ايڇ يو ۾ ڇا ٿيندو آهي، ان کان اڳ ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جو جائزو وٺون ٿا. ضلعي هيڊ ڪوارٽر شڪارپور شهر جي واحد آر بي يو ٽي اسپتال جيڪا ورهاڱي کان اڳ 1933 ڌاري انسان دوست راءِ بهادر اوڌا داس تارا چند چندو ڪري جوڙائي هئي جيتوڻيڪ انسانيت جي خدمت کي ايمان سمجهندڙ راءِ بهادر اوڌا داس شابريا ته هندستان ۾ اسپتال لاءِ چندو ڪندي ديهانت ڪري ويو پر ان کان اڳ هن اسپتال جي چائنٺ تي پنهنجو نالو لکرايو هو، هن وقت به 76 سال گذرڻ کان پوءِ به اسپتال جي بيهڪ شڪارپور جي سونهن ۽ شاهڪار بڻيل آهي. سول اسپتال جيڪا 35 مريضن لاءِ جڙي هئي هاڻي اها 8 وارڊ ميل سرجيڪل، فيميل سرجيڪل، گائني، ميڊيڪوليگل، پيڊس، آءِ وارڊ، دل وارو وارڊ ۽ فيميل ميڊيڪل وارڊن تي مشتمل آهي، جن وارڊن ۾ 150 بسترن جي گنجائش آهي، اسپتال ۾ انتظامي ڍانچو ايترو ته تباهه ٿي ويو آهي جو 14 لک انساني جانين جي سڀ کان وڌيڪ علاج جو سهارو بڻيل اسپتال ۾ گائنا ڪالاجسٽ، آرٿوپيڊڪ، اسڪن اسپيشلسٽ، يورالاجسٽ، فزيشن، نيروسرجن، سائڪا ٽرسٽ، فيميل سرجن سميت ڪيترن ئي بيمارين جا ماهر ڪنسلٽنٽ نه آهن، هونءَ ته مختلف وقتن تي سنڌ حڪومت ڪجهه نه ڪجهه ماهر ڊاڪٽرن جون بدليون ڪيون آهن پر اتر سنڌ جي پٺتي پيل هن ضلعي ۾ پرائيويٽ ڪاروبار نه هجڻ سبب اثر رسوخ رکندڙ ڊاڪٽر يا ته بدليون ڪرائي ويا آهن يا وري ڊگهي موڪلن تي وڃي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙن وڏن شهرن ۾ پنهنجون پرائيويٽ ڪلينڪون هلائي لکين روپيا ڪمائي ۽ پگهارون هتان کڻن ٿا، اسپتال ۾ صرف اي اين ٽي سرجن ڊاڪٽر آفتاب پٺاڻ جيڪو خود ايم ايس ٿيڻ کان پوءِ مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا او پي ڊي جي سنڀال ڪري ٿو نه ته اهو شعبو به خالي پيل آهي، هڪ جنرل سرجن ڊاڪٽر راجه سيلرو جنهن جي رهائش لاءِ به هن اسپتال ۾ بندوبست ٿيل نه آهي. جيڪڏهن ليکو ڪبو ته اسپتال ۾ 50 کان وڌيڪ ڪنسلٽنٽ ۽ ميڊيڪل آفيسر انهن ۾ 12 فيميل ڊاڪٽرياڻيون آهن جيڪي لکين روپيا ماهوار پگهارون کڻن ٿا پر اسپتال جي سنڀال واسطي صرف رات جو هڪ ميڊيڪل آفيسر ۽ وارڊ بواءِ جڏهن ته ليڊيز جي 3 وارڊن ۾ صرف اسٽاف ۽ نرسون ڪم ڪن ٿيون پوءِ جيڪڏهن ڪا ايمرجنسي ٿئي ٿي يا بااثر شخصيت اسپتال ۾ داخل ٿئي ٿي ته آن ڪال ڪنسلٽنٽ ۽ فيميل ڊاڪٽرن کي گهرايو وڃي ٿو نه ته ٿيو خير. سول اسپتال ۾ انتظامي ڍانچي جي خرابي واري صورتحال اهڙي آهي جو مريضن جون دوائون به چوري ٿيو وڃن ٿيون. اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين جو غير معياري دوائن جي ڪمپنين سان ٿيل معاهدي تحت دوائون لکن ٿا جيڪي دوائون عام نه پر هنن سان واسطيدار ميڊيڪل اسٽورن تي ملن ٿيون، جيڪڏهن مارڪيٽ مان جاچ ڪبي ته 50 روپين واري دوا ڊاڪٽرن طرفان رکرايل ميڊيڪل اسٽور تي 500 روپين ۾ ملي ٿي، بي پهچ، غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو ٺڳ مسيحا جي ڏنل ڏس تي پنهنجي پيٽ خاطر پيل اناج، عورتن کي پيل زيور ۽ مال ڍڳو وڪرو ڪري به علاج جو پورائو ڪن ٿا، تجربي طور هاڻي به توهان سول اسپتال ۽ اڪثر پرائيويٽ ڪلينڪن تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر جن جي او پي ڊي سٺي آهي اهي اهڙي ڪڌي ڪاروبار جا سربراهه بڻيل آهن، پاڻ ته مريضن جي کل لاهين ٿا پر غير معياري ڪمپنين جون دوائون خريد ڪرائي ٻيڻا ٽيڻا پئسا ڪمائين ٿا. پر جيڪڏهن سول اسپتال کي ئي کڻون ته ان ۾ مريضن کي دوائن کان وڌيڪ انتظامي رويي ۽ بدحالي جون شڪايتون رهن ٿيون، سرڪاري طور تي ڪا به فيس نه هجڻ جي باوجود ڪاري ڪامڻ کان وٺي پي سي آر، ايڪسري، الٽراسائونڊ، ڊائلاسز، بلڊ شگر، يورين شگر، بيڊ فيس، ڊليوري فيس سميت هر ٽيسٽ جي ڌار ڌار فيس مقرر ٿيل آهي جيڪي ڊونيشن جي مد ڄاڻائي مريضن کي مجبور ڪري اوڳاڙيون وڃن ٿيون جنهن جو ڪو به رڪارڊ نه آهي، ٻيو ته ٺهيو پر ٻن سالن کان تيار ٿيل آءِ سي يو انتهائي نگهداشت وارڊ جيڪو مڪمل هجڻ جي باوجود صرف عملو نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي شڪارپور جي ماڻهن کان سهولت کسي وئي آهي. شڪارپور سول اسپتال ويندؤ ته توهان کي بدبو دار ۽ گندو ماحول نظر ايندو پوءِ کڻي ايمرجنسي وارڊ کان وٺي مٿي ذڪر ڪيل 8 وارڊن ۾ غلاظت واريون شيون کلي عام پيون هونديون جن تي پئسي کان وڌيڪ صرف سوئيپر کي ڪن مهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي پر انتظاميه کان اهو به ڪم نه ٿو ٿي سگهي. شڪارپور ضلعي اندر ساڳي صورتحال جانورن جي پالنا ۽ انهن کي صحت مند ۽ بيماري کان بچاءَ واسطي رکڻ لاءِ اسپتالن جي به آهي. شڪارپور ضلعي اندر 20 لکن جي لڳ ڀڳ مختلف قسم جا جانور ماهيو، ڳائو، ريڍو، ٻاڪرو، اوٺو، گهوڙا خچرن ۽ گڏهن جو تعداد آهي، ضلعي اندر پلجندڙ جانورن واسطي 29 اسپتالون ۽ سينٽر آهن جيڪي شهري علائقن شڪارپور، وزيرآباد، چڪ، رستم، خانپور، رحيم آباد، ڳڙهي ياسين، ڊکڻ کان سواءِ ٻهراڙي ڪچي پڪي جي ڏورانهن علائقن ۾ قائم ٿيل 20 جي لڳ ڀڳ وٽرنري سينٽر بند رهن ٿا، رڪارڊ ۾ ته انهن لاءِ عملو مقرر ٿيل آهي ۽ گورنمينٽ کان جانورن جي بيمارين کان بچاءَ واري ويڪسين ۽ بيماري بعد انهن کي ملندڙ دوائن جو حصو پتي ته ورهاست موجب ملي ٿو پر عملي طور تي انهن اسپتالن ۽ سينٽرن جو ڪو به وجود نه آهي، ڀاڳين کي اهو به پتو نه آهي ته ڪا هتي جانورن کي بيمارين کان بچاءَ لاءِ گورنمينٽ جو بندوبست ٿيل آهي. هن جديد دور ۾ به حڪومتي سهولتن کان وانجهيل ۽ مايوس ٿيل مال وند ٻهراڙي جي علائقن ۾ مختلف بيماري واري موسم ۾ علاج ڪرائڻ بجاءِ دعا، ڌاڳن، ڦيڻن کان علاوه يا پيرن فقيرن کان مال جي وٿاڻن تي دم ڪرائي 8 ڏينهن تائين مال جي وٿاڻ کي بند رکن ٿا ۽ انهن جانورن جو 8 ڏينهن تائين کير وڪرو ڪرڻ بجاءِ ضايع ڪيو وڃي ٿو، هن جديد دور ۾ به جانورن جي مرڻ کي ڀاڳيا رضا الاهي سمجهي پنهنجي گناهن جو ڪيتو سمجهي برداشت ڪن ٿا. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته حڪومت مال جي پالنا واسطي جيڪو ملڪ اندر خاص ڪري سنڌ ۾ زراعت کان پوءِ معيشت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ وڏو ذريعو آهي جنهن لاءِ هر طرح جي سهولت ڏيڻ کپندي هئي پر هت ته خود انتظامي ڍانچي جو ڀونچال آهي. گهڻن ماڻهن کي خبر نه هوندي ته لاڙڪاڻو ڊويزن جن ۾ شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعا اچي وڃن ٿا ۾ مٺو، سٺو پاڻي ۽ ان مان تيار ٿيندڙ مال جو چارو بهتر هجڻ ڪري هتان جو مال سوکو ٿئي ٿو، ان کان به وڌيڪ هن ڊويزن جي حلال مال جي گوشت ۾ ٽيسٽ ۽ سوادي ٿيندو آهي. جنهن ڪري لاڙڪاڻو ڊويزن جي حلال مال کي افغانستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ واپارين کي پرمٽ مليل آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ هتان جو حلال مال واپاري خريد ڪري ٻاهر موڪلين ٿا. کير کان وٺي گوشت تائين مال وند ماڻهن جو سهارو بڻيل هي مال جي پالنا واري روزگار تي سڀ کان وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، جانورن جي پالنا ۾ حڪومت جي ذميواري هجڻ کپي ته هو مال وندن جي پرگهور لهي، مال جي پالنا ۾ سڀ کان وڌيڪ هتان جي ڀاڳين کي ڏکيائيون، ملندڙ علاج کان وڌيڪ بدامني جي آهي، اتر سنڌ ۾ مال جي چوري ڏوهاري ماڻهن جو هڪ وڏو روزگار بڻيل آهي جنهن سبب ڪري اڪثر غريب ذاتين وارن ماڻهن سستو ۽ سولو ڪاروبار مال جي پالنا تان هٿ ئي کڻي ڇڏيو آهي. ڇو ته ڏوهي وارڌات دوران جيڪڏهن ڪو ڀاڳيو مارجي وڃي ٿو ته نامعلوم چور کي شڪ جي بنياد تي فائدو پوي ٿو، خدا نه خواست چور مارجي وڃڻ جي صورت ۾ ٻٽا عيوضا ڀرايا وڃن ٿا ۽ هن وقت به شڪارپور ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ جهيڙن ۾ جيڪي انساني جانيون زيان ٿيون آهن جنهن جو سبب مال جون چوريون آهن. شڪارپور ضلعي اندر ڪجهه ذاتين جو ته روزگار ئي لکين ماڻهن جي ملڪيتن تي قبضا، ڦرلٽ، ۽ مال چوري تي آهي. رياست طرفان تحفظ نه ملڻ سبب شڪارپور ضلعي اندر مال جي پالنا، انڊسٽري هجڻ کپي ها پر اها سٺن واڙن تائين به نه پهتي آهي. هتان جي ماڻهن جي گهر آهي ته سنڌ حڪومت انسانن ۽ جانورن جي جانين کي بچائڻ واسطي جيڪي اسپتالون ۽ ادارا قائم ڪيا آهن کي بهتر ڪندي ڏنل سڀني سهولتن کي عام ماڻهن ۽ مالوندن تائين پهچائڻ کي يقيني بڻائي، ڊاڪٽرن کان وٺي ڪمپائونڊرن کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏين جيڪڏهن صرف حڪومت کان ملندڙ سهولت ماڻهن ۽ جانورن تائين پهچي ته يقين آهي ته خوشحالي اچي ويندي.

No comments:

Post a Comment